جلندر ڪيڏارو

جلندر ڪيڏارو (راڳڻي ):هيءَ بلاول ٺاٺ جي اوڍو راڳڻي آهي. گنڌار ۽ نکاد ممنوع سر آهن. هي راڳڻي جلندر ۽ ڪيدار جي ميلاپ سان ٺاهي وئي آهي. هن ۾ تيور مڌم جو استعال ڪو نه ٿئي. ڪيدار ۽ هن ۾ فرق اهو آهي جو ڪيدار جي پور وانگ ۾ گنڌار ۽ اترانگ ۾ نکاد ڪمزور هوندا آهن، پر جلندر ڪيدار ۾ اهي سر ممنوع آهن. رکب ۽ ڌيوت تي گهڻو زور رهي ٿو.

ورن: اوڍو- اوڍو وادي سر: مڌم سموادي سُر: رکب

هن جي ڳائڻ جو وقت، رات جو ٻيو پهر آهي. هن جي آروهي: ساري سا ما ما پا ڌا نا ۽ امروهه: سا ڌاپا ما ما ڌا پا ما ري سا آهي، جڏهن ته خاص تان: ڌا پا ري سا ما آهي.





هن صفحي کي شيئر ڪريو